جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) لانڍي جي مانسهره ڪالوني وٽ جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ آپگهاتي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مارجي ويل هڪ حملا آور سهيل احمد جو تعلق پنجگور سان آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين ڪنهن تنظيم حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي پر اهڙا اشارا مليا آهن ته حملي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي ملوث آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سهيل جي ڪجهه ويجهن ساٿين کي پنجگور مان گرفتار ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ٻئي دهشتگرد بابت جاچ جاري آهي. حملي ۾ 2 سيڪورٽي گارڊ زخمي ٿيا هئا جن مان هڪ فوت ٿي ويو هو. ٻنهي گاردز جو تعلق مري قبيلي سان هو ۽ هو سانگهڙ جا رهائشي آهن. فوت ٿيل گارڊ کي چند ڏينهن اڳ پٽ ڄائو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل جي مالڪ کي به گرفتار ڪيو ويوآهي جنهن جو چوڻ آهي ته سندس نالي تي جعلي انداز ۾ بائيڪ خريد ڪئي وئي هئي، هو موٽر سائيڪل جو مالڪ ناهي. حملي ۾ پنج ئي جاپاني شهري جيڪي ڌاٻيجي ايڪسپورٽ پروسيسسنگ زون تي ڪم ڪري رهيا هئا، محفوظ رهيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو