جان محمد جي وارثن ۽ پي ايف جي اڳواڻ سان ملاقات،قاتلن جلد ڪٽهڙي ۾ هوندا

سکر (ن س) سنڌ جي گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ شهيد صحافي جان محمد مهر جي وارثن سان ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ پي ايف يو جي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، امداد بوزدار ۽ اختر شاهه پڻ موجود هئا،شهيدن جي وارثن سان گڏ سکر پريس ڪلب جي اڳواڻن لالا شهباز خان، شهزاد تاباڻي، سليم سهتو، انس گهانگهرو، ابداش ڏاهرو پڻ موجود هئا،ملاقات ۾ سنڌ جي گهرو وزير شهيد صحافي ڪرم الله مهر جي ڀاءُ ۽ صحافين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ،صحافت جي ميدان ۾ جان محمد مهر جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪئي،شهيد صحافين جي وارثن ۽ صحافي اڳواڻن کي مڪمل سهڪار ۽ تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته جان محمد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ مقتول جي وارثن کي جلد انصاف فراهم ڪرڻ جو ڏياريو،ملاقات ۾ پي ايف يو جي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ چيو ته جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جنگي بنيادن تي ڪم ڪيو پيو وڃي،اسان کي اميد آهي ته سنڌ حڪومت صحافي جي قاتلن جي گرفتاري کي هر قيمت تي ممڪن بڻائيندي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو