جانورن جي پالنا بابت ڄاڻ ۽ علاج لاءِ مفت ڪيمپ قائم

عادلپور(رپورٽ مدد علي شاھ ) عادلپورويجھو ڳوٺ عارب مھر ۾ صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريزعبدالباري پتافي ۽ ڊي جي لائيو اسٽاڪ سنڌ ڊائريڪٽر اينيمل ھسبنڊري سنڌ جي خصوصي ھدايتن تي جانورن جي مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ جو افتتاح سينئر صحافي ۽ تجزيه نگار اعجاز مھر ڪيو. لڳايل مفت ڪيمپ  ۾ مختلف جانورن، جن ۾  مينھنون، ڳئون ۽ ٻڪريون شامل هيون، تن کي مختلف بيمارين جي بچاء جا ٽڪا لڳايا ويا ۽ جانورن کي پيٽ جي ڪيڙن جي دوا پيارڻ سميت ٻين بيمارين جو علاج ڪيو ويو. ان موقعي تي ڀاڳين کي چوپائي مال جون دائون پڻ مفت ڏنيون ويون. جڏھن ته  ڪيمپ ۾ موجود مالوند ماڻھن کي بيمارين ۽ پالنا  جي باري ۾ معلومات پڻ ڏني وئي. ڪيمپ  جي اڳواڻي ڊاڪٽر رياض احمد چنا ايڊيشنل ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ اينيمل ھسبنڊري گھوٽڪي، ڊاڪٽر سيد غلام محمد شاھ، ڊاڪٽر ابرار احمد آرائين ۽  ڊاڪٽر مدن لعل ڳوٺاڻن کي سوالن جا جواب پڻ ڏنا. ڪيمپ هڻائڻ جو انتظام گل ويلفيئرايسوسيئيشن ڪيو. ڪيمپ ۾ ڦلڻ مهر، غلام الرسول، محمد مٺل مھر، منصور مھر، ديدار علي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو