جانورن جي ويڪسين جو عمل تيز ڪيو وڃي، نجمي عالم

جانورن جي ويڪسين جو عمل تيز ڪيو وڃي، نجمي عالم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير جي لائيواسٽاڪ فشريز ۽ ھيومن سيٽلمينٽ بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم سومر ڏينھن پنھنجي آفيس ۾ ويڪسين بابت ھڪ اھم اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ لاڳاپيل آفيسرن کان سڄي صوبي اندر جانورن کي ڪيل ويڪسين ۽ مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ ويڪسين ۽ ٻاھر کان گھربل ويڪسين بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ڊاڪٽر نظير حسين ڪلھوڙوم ڊائريڪٽر جنرل سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل ھيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ سنڌ ۽ ڊائريڪٽر اينيمل ھيسبينڊري ڊاڪٽر حزب الله ڀٽو، ڊائريڪٽر سي وي ڊي ايل ڊاڪٽر مدن لال ۽ پي ڊي ويڪسين شرڪت ڪئي. صلاحڪار نجمي عالم چيو ته اسان کي علاج کان وڌيڪ ويڪسينيشن تي زور ڏيڻو پوندو ان معاملي تي ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ويڪسينيشن جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي جنهن جي مڪمل نگراني ڪئي ويندي ۽ لاڳاپيل آفيسر هر مهيني رپورٽ پيش ڪرڻ جا پابند هوندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو