ثقافت کي بچائڻ لاءِ تعليم ۽ شعور جو هجڻ لازمي آهي؛ استاد

ڏھرڪي (جهانگير عالم دايو) دادلغاري ويجھو الڪريم پبلڪ اسڪول بيسٽ ڪيمپس انتظاميه طرفان سنڌي ٽوپي اجرڪ سميت سنڌي ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ ۽ مڊٽرم ٽيسٽ رزلٽ پڌرو ڪرڻ لاءِ تقريب منقعد ڪئي وئي. تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي استادن ڪريم بخش پتافي، اسلم لغاري، خالد، مجيب پتافي، عباس علي، قالو پتافي سميت شاگردن جي والدين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. مڊٽرم ٽيسٽ ۾ پوزيشن کڻندڙ شاگردن افران علي، اقراء رفيق، گل بھار، پٺاڻي، شفقت حسين، شمشاد، راشد علي، عاقب رفيق، جميل احمد، عبدالواحد، شاھنواز، وقاص رفيق، آصف علي، فراز احمد،زاڪر حسين، حق نواز، عابد علي، غلام نبي، ثمرين، حبدار علي، احمد خان، صدام حسين، شيفقان کي اسڪول ايڊمن استاد ڪريم پتافي پڻ انعام ڏنا. تقريب ۾ ثقافتي حوالي سان شاگردن طرفان ٽيبلوز ۽ سنڌي خاڪن سان گڏ سنڌي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو. تقريب جي آخر م آيل مھمانن ميڊيا سان ڳالھ ٻول ڪندي ٻڌايو ته اگر سنڌ جا حق وٺڻا آھن ته تعليم جو ھجڻ لازمي آھي سنڌي ڪلچر کي بچائڻ لاءِ تعليم ۽ شعور ھجڻ گھرجي. هنن چيو ته پٺ تي پيل علائقي ۾ اسان ھڪ وڏي جدوجھد ڪري ھن اداري جو بنياد رکيو آھي جنھن جي محنت سان اڄ ھن علائقي ۾ ٻيا اھڙا ڪيترائي  تعليمي ادارا کلي چڪاآھن تعليمي ادارن جي کلڻ سان ڪيتريون ئي سماجي برايون پڻ ھن علائقي مان ختم ٿيندي نظر اچي رھيون آھن ۽ ماڻھن جو تعليم ڏانھن ڌيان وڌي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو