ثقافتي سرگرميون عروج تي، نوجوان اتحاد پاران مچ ڪچهري منعقد

شھدادڪوٽ (شاهد اعواڻ ) ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان شهر جي غريب آباد پاڙي  ۾ نوجوان اتحاد پاران ھڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان هيٺ مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن حاجي قربان سومرو، حبدار ميرجت، عمران مگسي، ذوالفقار ميرجت، صدا حسين مگسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي رٿيل مچ ڪچهري ۾ سگهڙن غلام رسول مگسي، عبدالوھاب بوجاڻي، مقبول تونيو، گل محمد چانڊيو ۽ ٻين بيت، ڏور ۽ ڳجھارتون پيش ڪري ماڻھن کان داد حاصل ڪيو جڏھن ته سنڌ جي مشھور مزاحيه اداڪار اڪبر اترادي پاران فن جو مظاهرو ڪري مچ ڪچهري ۾ شريڪ ماڻھن جي چھرن تي مرڪون آڻي ڇڏيون. هوڏانهن آل پاڪستان مرکنڊ اتحاد پاران پريس ڪلب ۾ هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان هيٺ مچ ڪچهري ڪوٺائي راڳ رنگ جي محفل رچائي ڪچهريون ڪري ثقافت کي اجاڳر ڪيو ويو.

ان موقعي تي آل پاڪستان مرکنڊ اتحاد جي صدر سردار نوازعلي مرکنڊ، وڏيرو غلام رسول مرکنڊ، قادر بخش مرکنڊ، محبوب مرکنڊ،  سردار مرکنڊ، آبادگار اڳواڻ خالد عمر کوسو، عبدالخالق کوسو، ڪجلو خان مغيري، جنيد جروار، مرتضي لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ٻئي پاسي نوجوان سيلرا اتحاد ۽ سياسي سماجي اتحاد پاران ڳوٺ سيلرا ۾ پڻ مچ ڪچهري منعقد ڪري سنڌ جي ثقافت سان محبت جو وچن ڪيو ويو ان موقعي تي نوجوان سيلرا اتحاد جي اڳوڻن ، ذوالفقار سيلرو ، يار سيلرو ، خالد سيلرو ۽ سياسي سماجي اتحاد جي اڳواڻن حيات تونيو، پيربخش ڀٽي، استاد شمن ابڙو، وزير کوسو، حاجي خان ڀٽو، انيل ڪمار گرناڻي سميت شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جڏهن ته صوفي راڳين فقير غلام شبير، دريا فقير لانگاه، ممتاز مستوئي ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت ڳائي ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو