ثقافتي حوالي سان اسڪولي ٻارڙن جي ريلي، جُهمريون

چيلهار(ساجدنهڙيو) سنڌي ميڊيا جي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان بعد چيلهار ۾ ثقافتي سرگرميون تيز ٿي ويون چيلهار جي مختلف اسڪولن پاران هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان هيٺ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن جي شرڪت. اسڪولي شاگردن پاران قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو. ريلي اسڪولن کان ٿيندي شهر جي مين چوڪ تي پهتي مصوم شاگردن تقريرن ذريعي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اسڪولن جي استادن هريش مهيشوري، ڪيلا مينگهواڙ، لجپت راٺوڙ ڳالهائندي چيو ته سنڌي ميديا سنڌ جي ثقافت جي حوالي سان عملي طور ميدان ۾ پتوڙي رهي آهي جيڪو قابل تعريف عمل آهي سنڌي ميڊيا جي اهڙي قدم جي آجيان ڪيون ٿا ۽ اسان هڪ ڊسمبر تي سنڌي ميڊيا سان گڏجي اهو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو