تيل گئس ڪمپنيون ۽ سنڌ جا حق

تيل گئس ڪمپنيون ۽ سنڌ جا حق

تحرير الله وسايو گهوٽو

پاڪستان ۾ 73 سيڪڙو گئس ۽ 81 سيڪڙو پيٽرول سنڌ صوبي مان نڪري ٿو سنڌ کان پوءِ هن وقت بلوچستان ۾ گئس ۽ پيٽرول وڌيڪ نڪري ٿو باقي ٻن صوبن جي مختلف علائقن مان پاڪستان جي گئس 6.2 سيڪڙو ۽ پيٽرول 5.4 سيڪڙو نڪري ٿو. سنڌ مان سالانه اربين ڊالرز جو پيٽرول ۽ گئس نڪري ٿو سڀ خرچ لاهڻ کان پوءِ ڪمپنين ۽ وفاقي حڪومت کي ملندڙ منافعو 2014 جي رپورٽ مطابق سنڌ جي گئس ۽ پيٽرول جي هڪ سال جي ڪمائي بچت صرف 2هزار350 ارب روپيا هئي. پاڪستان ۾ تيل گئس ڳوليندڙ ٻن وڏن ڪمپنين او جي ڊي سي ايل ۽ پي پي ايل جي 19 هزار پڪن ملازمن مان سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 1300 به پورو ناهي. ٻنهي ڪمپنين جي بورڊ آف ڊريڪٽر مينيجيمنٽ ۾ 29 ڄڻا شامل آهن جن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ صرف ٻه آهن. ڪمپنين ۾ آفيسر ڪيڊر جا 4300 جي لڳ بڳ ملازم آهن جنهن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن آفيسرن جو تعداد 264 آهي. ڪمپنين ۾ 78 مولوي مختلف فيلڊن ۽ ڪالونين ۾ نماز پڙهائڻ لاءِ ڀرتي ڪيل آهن جن مان سنڌي ڳالهائيندڙ مولوي صرف 6 آهن. تيل گئس جي انهن ڪمپنين ۾ پڪن ملازمن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 6 کان 8 سيڪڙو مس آهي. صرف پنجاب صوبي سان تعلق رکندڙن ملازمن جو تعداد 78 سيڪڙو ٿئي ٿو باقي 15 سيڪڙو ملازم ڪي پي ڪي ڪشمير گلگت سان تعلق رکن ٿا ۽ ڪجه ماڻهون جو تعداد بلوچستان سان آهي جنهن ۾ به اڪثريت پٽاڻن جي آهي. انهن ڪمپنين ۾ ڪچن ملازمن جي صحيع انگ جي خبر ناهي پئجي سگهي ڪجه اندروني ذريعن وٺان مليل ڄاڻ موجب انهن ڪمپنين ۽ انهن جي ذيلي ادارن اندر 15 کان وڌيڪ ڪچا ملازم به ڪم ڪن ٿا جن ۾ به اڪثريت پنجاب واسين جي آهي سنڌي ملازم ڪجه هزار تائين آهن. ڪمپنين جي پروموشن پاليسي ۾ به سنڌ واسين کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ڪمپنين اندر ڪچن ملازمن جي پگهار ۾ به فرق آهي پنجاب سان تعلق رکندڙن کي وڌيڪ پگهار ۽ مرائتون ڏنيو پيو وڃن ٻين صوبن جي ملازمن کي رهائش سميت ميڊيڪل ڏني پئي وڃي سنڌي ملازمن جي اڪثريت رهائش ۽ ميڊيڪل کان به محروم نظر اچي پئي.تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنيون اسڪالر شپ ۽ اٽيزن شپ سالانه سوين شاگردن کي ڏين ٿيو ۽ پنهنجي ڪمپنين جي ٽيڪنيڪل ڪاليج يا ادارن اندر به پنجاب صوبي کي وڌيڪ نوازيو پيو وڃي جنهن ۾ به سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 5 کان 7 سيڪڙو کان مٿي ناهي هوندو.جيئن ته عالمي۽ ملڪي قانون موجب تيل گئس ڳوليندڙ ڪمپنين کي 5 ڪلوميٽرن جي چوطرف جيڪي به ڳوٺ يا شهر هوندا انهن علائقن ۾ اسڪول ڪاليج هسپتالون روڊن رستن سميت ٻيا ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي ذميواري انهن جي هوندي آهي. جنهن ضلعي مان گئس يا تيل نڪرندو آهي انهي ضلعي جا سمورا مين رستا روڊ ٺاهڻ انهن ڪمپنين جي ذميواري آهي پر سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنيون ترقياتي ڪم نٿيون ڪرائين.عالمي ۽ ملڪي قانون موجب قدرتي وسيلا صوبن جي ملڪيت قرار ڏنل هوندا آهن انهن جو اتنظام ڪنٽرول صوبن حوالي هوندا آهن پر اسان جي هتي وفاق ۽ انهي جا ادارا تيل گئس سميت ٻيا قدرتي وسيلا سنڌ کي ڏيڻ لاءِ راضي ناهن نه وري انهن اداران ۾ صرف سنڌ صوبي مان ڀرتي ڪن ٿا. 18هين ترميم تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن 2010 ۾ اهي ادارا صوبن حوالي ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ قانون آندو جنهن کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي مخالفت سبب رد ڪيو ويو. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي قدرتي وسيلا صوبن حوالي ڪرڻ جا مخالف آهن ڇو جو قدرتي وسيلا وڌيڪ سنڌ بلوچستان ۾ آهن ۽ وفاق وٽ هجڻ ڪري کين تمام گهڻو فائدو آهي.پاڪستان ۾ قائم ڪوٽا سسٽم تحت به سنڌ صوبي اندر وفاق جي سمورن کاتن ۾ آبادي موجب نوڪريون ڏيڻو آهن وفاق پنهنجي کي ٺاهيل ڪوٽا سسٽم کان اڌ کان به گهٽ ڀرتي سنڌ کان ڪري ٿو سنڌ جي ڪوٽا تي عمل ڪندي به گئس آئل فيلڊن ۾ سنڌ يا سنڌي ماڻهون ڀرتي نٿا ڪيا وڃن.سنڌ جي جن جن علائقن ۾ آئل ۽ گئس فيلڊ قائم آهن انهن علائقي واسين پاران وقتن به وقتن ڪمپنين خلاف احتجاجي تحريڪون جدوجهدون پڻ ڪيو آهن. ڪمپنين اڳيا ڌرڻا به لڳايا ويا آهن ته ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهون کي روزگار ڏيو ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو ڪمپني انتظاميان اهڙن احتجاجن کي سختي سان روڪيندي رهي آهي احتجاج ڪندڙن تي ڪمپنين جي فورس تشدد ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرائي جيل موڪلي چڏيندي آهي وڌيڪ احتجاج ڪندڙن کي گم ڪيو ويندو آهي.وفاق ۽ ڪمپنيون هزارين ارب روپيا انهن مان ڪمائين ٿيو پر رائلٽي جي مد ۾ 5 سالن کان پوءِ ڪمائي جو هڪ سيڪڙو حصو ڏيڻ لاءِ به تيار ناهن بس ڪجه ارب روپيا منظور ڪرڻ بعد وري انهن پيسن کي به قستن جي صورت ۾ سنڌ صوبي کي ڏين ٿا. پوئين پي پي جي وفاقي حڪومت 18هين ترميم تحت سنڌ اندر انهن ڪمپنين تي ٽيڪس لڳائڻ جو قانون منظور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيئن ٽيڪس جي مد ۾ سنڌ کي سالانو سوين ارب روپيا فائدو ٿئي جنهن قانون جي به پنجاب ۽ وفاقي بيروڪريسي سميت انهن ادارن مخالفت ڪئي ته ٽيڪس سنڌ کي وصول ڪرڻ جو اختيار نه ڏينداسين نه ڪو خاص ٽيڪس لڳائڻ جي اجازت ڏني ويندي آئي سي آئي سميت ٻين ادارن منظوري نه ڏني نه وري اسيمبلي مان اهڙو قانون منظور ٿي سگهيو.دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ ۽ صوبا تيل ۽ گئس ذريعي هلن ٿا ۽ سندن معيشت جو دارومدار قدرتي گئس ۽ تيل تي آهي اسان جي ملڪ ۾ انديز نگري جي ڪري قدرتي وسيلا وفاق جي نالي وڏي ڀاءِ پنجاب جي حوالي آهن سندن بيروڪريسي انهن ادارن تي ڪنٽرول ڪري ٿي انهن ادارن ۾ نوڪرين کان ويندي اسڪالر شپ ترقياتي ڪمن تائين سنڌ يا سنڌي ماڻهون کي ڪجه به نٿو ملي. سنڌ کي صرف تيل ۽ گئس ڪمپنين جا اختيار ۽ ڪنٽرول ملي وڃي ته سنڌ جي هزارين ماڻهون کي روزگار سان گڏ سنڌ صوبي کي سالانه هزارين ارب روپين جي آمدني ٿيندي جنهن مان ٻيا ڪم ڪار آساني سان ٿي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو