لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي حڪومت طرفان تيل اسمن جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف مطابق واڌ عوام تي ظلم آهي، تنهن ڪري ڪنهن به صورت برداشٽ نٿا ڪري سگهون، عوام دشمن قدمن جي خلاف هٿ ڏيو، عوام کي تحريڪ هلائي رهيا آهيون، ترجان چيوته جماعت اسلامي 26 جولاءِ تي اسلام آبد ۾ ڌرڻو هڻندي ۽ امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان اڳواڻي ڪندو، عوام جي حقن لاءِ رستن تي نڪرنداسين ۽ عدالت ۾ وينداسين، جڏهن ته مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻي تا نه اٿنداسين، قيصر شريف چيوته وفاقي گادي واري هنڌ پهچنداسين ۽ ڌرڻي تائين عوامي مبلائيزيشن جاري رهندو، هن ٻڌايو ته ڌرڻي ۾ عالم سڳورا، وڪيل، واپاري ۽ صنعتڪار به شري ٿيندا، جڏهن ته هاري پورهيت سميت زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا، ترجمان چيو ته امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان عاشوره کان صوبائي هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪندو. جڏهن ته عوامي مبلائزيشن لاءِ وڏن شهرن جو دور به ڪدنو، ڌڏرڻي ۾ شرڪت لاءِ هر شعبي جي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون وينديون، سياسي پارٽي جيڪڏهن ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ چاهن ٿيون ته ڪائي پابندي ناهي.










