تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب پاڪستان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيون پيا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته وڌندڙ آبادي سبب پاڻي جي کوٽ آهي، آبادي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا اسٽيڪ هولڊر تعاون ڪن.آدمشماري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته 2023ع جي آدمشماري موجب پاڪستان جي آبادي 2.55 سيڪڙو جي بلند شرح سان وڌي رهي آهي، اسان جي آبادي 2030ع تائين 263 ملين ۽ 2050ع تائين 383 ملين تائين پهچڻ جو امڪان آهي. اندازو آهي، سماجي ۽ معاشي ترقي تي تيزي سان وڌندڙ آباديءَ جا اثر سمجهڻ گهرجن.هن چيو ته اسان کي تيزي سان وڌندڙ آبادي جا سماجي ۽ معاشي ترقي تي پوندڙ اثرن کي سمجهڻو پوندو، اسان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان جا نوجوان متحرڪ قوت آهن، جيڪي قوم کي خوشحالي ڏانهن وٺي وڃڻ جي بي پناہ صلاحيت رکن ٿا،اسان کي گهرجي ته نوجوانن جي معياري تعليم، صحت ۽ روزگار جي موقعن تائين پهچ کي وڌايو وڃي.پاڪستان جي صدر جو چوڻ آهي ته وسيلن ۽ آبادي ۾ عدم توازن سبب موقعن تائين رسائي متاثر ٿيندي آهي،پاڪستان پنهنجي آبادي تي ضابطو آڻڻ ۾ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، آزادي جي وقت به پاڻي جي کوٽ هئي، هاڻي وڌندڙ آبادي سبب پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وڌندڙ آبادي سبب زرعي زمينون رهائشي علائقن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي وڌندڙ آبادي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته فيملي پلاننگ لاءِ ڊيٽا جي دستيابي اهم آهي، ڊيٽا جي مدد سان باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ موثر پاليسيون ٺاهڻ ممڪن ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو