توهين ڪميشن ڪيس ۾ فواد چوڌري جو نئون معافي نامو جمع

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ فواد چوڌري خلاف اليڪشن ڪميشن جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.اليڪشن ڪميشن توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو سڌ سماءَ وارو وزير فواد چوڌري ۽ سندس وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران فواد چوڌري موقف اختيار ڪيو ته توهان حڪم نامي ۾ چيو ته معافي نامو ۾ منهنجي ٻولي درست ناهي، پنهنجي ٻولي درست ڪري معافي نامو ٻيهر جمع ڪرائي رهيو آهيان.اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ نئون معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جي ٻڌڻي 24 آگسٽ تائين ملتوي ڪندي چيو ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي حڪم ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو