توشه خانه ڪيس کي ڄاڻي واڻي ٽنگيو پيو وڃي: نعيم پنجوٿا

توشه خانه ڪيس کي ڄاڻي واڻي ٽنگيو پيو وڃي: نعيم پنجوٿا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين قانوني معاملن واري نعيم پنجوٿا چيو آهي ته توشه خاني ڪيس کي جان بوجھ ڪري ٽنگيو پيو وڃي، فيصلو فوري طور ڏنو وڃي.هڪ بيان ۾ نعيم پنجوٺو چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ قانون ۽ انصاف جو قتل ڪيو پيو وڃي، آئين کي معطل ڪيو ويو آهي.نعيم پنجوٿا جو چوڻ آهي ته توشاخانا ڪيس ۾ سزا معطلي جي درخواست تي قلم 426 ۾ نوٽيس جاري ڪرڻ جو ذڪر ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻيهر نوٽيس ڇو جاري ڪيو؟ هن چيو ته نوٽيس ڏيڻ باوجود رڪارڊ طلب ڪرڻ لاءِ ٻيهر ڊگهو نوٽيس ڇو جاري ڪيو؟ سندس چوڻ آهي ته ٻڌڻي مقرر هئڻ باوجود هاءِ ڪورٽ 2 ڏينهن جو وڌيڪ وقت ڇو ڏنو؟

پهنجو تبصرو موڪليو