اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست اڄ آخري ڀيرو منظور ڪري ورتي آهي.ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران شڪايت ڪندڙ ضلعي اليڪشن ڪمشنر وقاص ملڪ، اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سعد حسن ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل نياز الله نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا.وڪيل نياز الله نيازي عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.جج همايون دلاور پڇاڻو ڪيو ته جوابدار ڪٿي آهي؟ وڪيل نياز الله نيازي جواب ڏنو ته چيئرمين پي ٽي آءِ جي پهرين حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏيندو.وڪيل سعد حسن چيو ته توشا خاني ڪيس جا ٻئي شاهد گواهي لاءِ عدالت پهچي ويا آهن.جج همايون دلاور چيئرمين پي ٽي آءِ جي وڪيل کي چيو ته توهان ڪرمنل وڪيل آهيو، ڪيس 7 مهينن کان التوا ۾ آهي، ڇا توهان ڏٺو آهي ته ڪيس 7 مهينن کان هلي رهيو آهي ۽ ملزم رڳو هڪ ڀيرو عدالت ۾ آيو آهي؟ ان موقعي تي چيئرمين پي ٽي آءِ پاران اڄ جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي.جج همايون دلاور پنهنجي حڪم ۾ چيو ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جي بنياد تي حاضري کان ڇوٽ ڏئي رهيو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست جو فيصلو ساڍي 11 وڳي تائين جمع ڪرايو، حاضري کان ڇوٽ جي درخواست اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. آخري ڀيرو منظور ڪريان ٿو، سڀاڻي کان قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.ان سان گڏ ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور ڪيس جي ٻڌڻي ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
