اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس کي قابل قبول قرار ڏيڻ واري فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين کي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل خواجا حارث ۽ بئريسٽر گوهر عدالت ۾ پيش ٿيا.چيف جسٽس عامر فاروق پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته وقت بدليو آهي، قدرون بدلجي ويون آهن پر اسان وٽ پراڻا قدر آهن، توهان اعتراض ڪيو اهو توهان جو حق آهي، ڇا توهان هر ڳالهه تي اعتراض ڪري سگهو ٿا؟ اهڙين حالتن ۾ داغ شايد وڌيڪ هوندا آهن، سياسي مسئلا هوندا آهن.وڪيل خواجا حارث چيو ته اڄ ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي آهي، اهو ڪيس هڪ ئي جج آڏو نه هلڻ گهرجي.خواجا حارث درخواست ڪئي ته اجازت ڏني وڃي ته اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وڃي.چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ڪيس اڄ نه ته سڀاڻي هلائينداسين.وڪيل خواجا حارث چيو ته اسان جي ڪيس جي منتقلي جي درخواست به عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
