اسلام آباد(بيورو رپورٽ)توانائي، بجلي ۽ پيٽروليم جو نگران وفاقي وزير محمد علي 3 ڏينهن جي دوري تي روس روانو ٿي ويو.ذريعن موجب توانائي وارو وزير محمد علي ماسڪو ۾ توانائي هفتي ۾ شرڪت ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزير اعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ پي ايس او، آءِ ايس جي ايس آفيسر ۽ سيڪريٽري پيٽروليم مومن آغا شامل آهن.ذريعن موجب توانائي واري وزير وچ ۾ روس ۾ خام تيل جي ڊگهي مدي واري معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جو امڪان آهي، پاڪستاني وفد روسي اختيارين سان اسٽريم گيس پائيپ لائين جي تعمير تي به ڳالهه ٻولهه ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزير اعظم جي روس جي دوري دوران روس مان ايل اين جي جي درآمد تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.ذريعن موجب ماسڪو ۾ انرجي ويڪ 11 کان 13 آڪٽوبر تائين جاري رهندو.
