تنگواڻي ۽ مدئجي ويجهو بلوچستان واسي 2 ڄڻن سوڌو 3 ڄڻا اغوا

تنگواڻي ۽ مدئجي ويجهو بلوچستان واسي 2 ڄڻن سوڌو 3 ڄڻا اغوا

ڪراچي(ن س )اتر سنڌ ۾ اغوا جي وارداتن کي ٻنجو نه اچي سگهيو، تنگواڻي ويجهو جمال ٿاڻي جي حد مان بلوچستان واسي 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا، هٿياربندن سکر کان سوئي ويندڙ ڪار کي روڪي اسدالله بگٽي سميت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو، ڪار جي ڊرائيور رحيم علي بگٽي جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ڪار کي روڪيو، ڪار ۾ 5 مسافر سوار هئا،ڪار ڊرائيور موجب هٿياربند اسد الله بگٽي ۽ هڪ ٻئي مسافر کي اغوا ڪري کڻي ويا، مدئجي ويجهو به زرعي زمين تان هٿياربند نوجوان انور ولد استاد مظهر کي اغوا ڪري ويا، واقعو ڳوٺ بخشو اڄڻ ويجهو مدئجي ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکرجي ويو، مغوي انور جي وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پٽ جي فون تان ڪال ڪري ڀنگ گهريو آهي،مغوي نوجوان جي والد استاد مظهر حسين جو چوڻ آهي ته اطلاع باوجود پوليس اڃا تائين نه پهتي آهي، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي پٽ جي بازيابيءَ جي اپيل ڪئي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو