تعليم کاتي جي 21، اهم عهدن تي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ جي تعليم کاتي جي سينئر آفيسرن جي وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. گريڊ 19 هين جي 21 عهدن تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. جن موجب عبدالرحيم بهلڪاڻي جيڪو ڪراچي اولهه ۾  ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (ڊي اي او) پرائمري هو تنهن کي بدلي ڪري گجرات ڪالوني جي اينگلو اردو بوائز سيڪنڊري اسڪول ۾ پرنسپل جي خالي عهدي تي لڳايو ويو آهي. ايڪس پي سي ايس جي 19 گريڊ جي آفيسر سراج الدين جيڪو ڊي اي او سيڪنڊري آهي تنهن کي ڊي اي او پرائمري ڪراچي اولهه جي چارج ڏني وئي آهي. ڊي اي او پرائمري ڪورنگي سعيد الرحمان کي بدلي ڪري ساڳئي عهدي تي ملير ضلعي ۾ نور احمد سولنگي جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪورنگي ضلعي جي ڊي اي او سيڪنڊري کي پرائمري جي چارج به ڏني وئي آهي. نور احمد سولنگي کي ڊي اي او سيڪنڊري نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي جتان رياض احمد اڄڻ کي بدلي ڪيو ويو آهي. سولنگي ڊي اي او پرائمري جي به چارج ڏني وئي آهي. جڏهن ته رياض اڄڻ کي لاکا روڊ واري بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپل واري خالي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. محمد حسن سومرو کي ڊي اي او سيڪنڊري ٽنڊو محمد خان جي عهدي تان هٽائي کيس غلام شاهه باڪراڻي هاءِ اسڪول جو پرنسپل لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي ڊي اي او پرائمري رشيده سومرو کي سيڪنڊري جي به چارج ڏني وئي آهي. مٽياري جي ڊي اي او سيڪنڊري اعجاز علي کي هٽائي الله ڏنو ساند جي هاءِ اسڪول جو پرنسپل لڳايو ويو آهي ۽ سندس جاءِ تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن حيدرآباد غلام سرور ملاح کي بدلي ڪري مٽياري جو ڊي اي او سيڪنڊري مقرر ڪيو ويو آهي ۽ کيس ڊي اي او پرائمري جي چارج به هوندي. ڊي اي او سيڪنڊري شهيد بينظيرآباد دين محمدپٺاڻ کي هٽائي کيس بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ايم پي ايل مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شهيد بينظيرآباد جي ڊي اي او پرائمري غلام علي برهماڻي کي سيڪنڊري جي چارج ڏني وئي آهي. سانگهڙ جي ڊي اي او سيڪنڊري يار محمد بالادي کي بدلي ڪري گڻنگ بنگلو جي هاءِ اسڪول جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيڪنڊري جي چارج ڊي اي او پرائمري سانگهڙ نصير احمد جوڳي کي ڏني وئي آهي. لاڙڪاڻي جي ڊي اي او پرائمري نواب علي کوکر کي بدلي ڪري قمبر شهداد ڪوٽ ۾ ڊي اي او سيڪنڊري فاروق ڀاڳت جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن کي قمبر جي ڊي اي او پرائمري جي چارج به هوندي. فاروق ڀاڳت کي سوڀوديرو هاءِ اسڪول جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي ڊي اي او سيڪنڊري اختر حسين ڪوريجو کي پرائمري جي چارج به ڏني وئي آهي. ديدار حسين وڳڻ جيڪو ڊي اي او پرائمري قمبر شهداد ڪوٽ هو تنهن کي هٽائي وڳڻ هاءِ اسڪول جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪب آباد جي ڊي اي او پرائمري عزيز الله اوڍو کي بدلي ڪري جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو پرنسپل لڳايو ويو آهي. جڏهن ته سکر جي ماڊل هاءِ اسڪول جي پرنسپل سيد محمد نصير شاهه کي ڊي اي او  سيڪنڊري جيڪب آباد مقرر ڪري کيس پرائمري جي چارج به ڏني وئي آهي. جڏهن ته ڊي اي او پرائمري شڪارپور کي ڊي اي او سيڪنڊري شڪارپور جي اضافي چارج به ڏني وئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو