تعليمي فراهمي سميت بنيادي سهولتن لاءِ ڪوششون جاري آهن،ملڪاڻي

تعليمي فراهمي سميت بنيادي سهولتن لاءِ ڪوششون جاري آهن،ملڪاڻي

سجاول ( رپورٽر ممتازعلي نھڙيو ) صوبائي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم جي فراهمي سميت عوام کي گهربل بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪري رهي آهي. هُن چيو ته سجاول ضلعي ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ تيزي سان ڪارروائي جاري آهي جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي ڪيمپس جي قيام لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته جيئن هن پٺتي پيل علائقي ۾ نوجوانن کي اعلي تعليم فراهم ڪري سگهجي. اهڙين ڳالهين جو اظهار هُن سندس رھائش گاھ ڇڇ جهان خان ۾ عوامي مسئلا حل ڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. صوبائي وزير چيو ته اٽڪل 50 هزار استاد ميرٽ جي بنياد تي مقرر ڪيا ويا آهن، سنڌ حڪومت جي ڪوششن آهي ته جيڪي به بند اسڪول آهن انهن کي فعال بڻايو وڃي. هن چيو ته جن اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي اتي فرنيچر جي فراهمي ۽ جن اسڪولن ۾ مرمت جي ضرورت آهي انهن اسڪولن جي مرمت ۽ بحالي لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته8 جيئن ٻارڙن کي بهتر ۽ پُر سڪون ماحول ۾ معياري تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. صوبائي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز محمد علي ملڪاڻي چيو ته عوام جا سمورا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحات ۾ شامل آهي –

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو