ترڪي سويڊن جي نيٽو ۾ شموليت جي حمايت ڪري چڏي

انقره (ويب ڊيسڪ)ترڪي يورپي ملڪ سويڊن جي اتر ائٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (NATO) ۾ شموليت جي حمايت ڪري ٿو.گذريل سال يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ فنلينڊ ۽ پوءِ سويڊن اعلان ڪيو ته هو نيٽو ۾ شامل ٿيندا، جنهن جي ترڪي مخالفت ڪئي هئي.فنلينڊ اپريل ۾ نيٽو ۾ شامل ٿيو، اتحاد جو 31 هون ملڪ بڻجي ويو، پر ترڪي سويڊن جي الحاق جي مخالفت جاري رکي، سويڊن تي ڪرد ويڙهاڪن جي حمايت ڪرڻ جو الزام لڳايو. ڪالهه، لٿيانيا ۾ نيٽو ڪانفرنس کان اڳ، ترڪ صدر رجب طيب اردگان، سويڊن جي وزيراعظم ۽ نيٽو جي جنرل سيڪريٽري جينس اسٽولٽنبرگ جي وچ ۾ ملاقات ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو