تربت ويب ڊيسڪ)تربت جي علائقي ناصر آباد ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جڏهن ته هڪ پورهيت زخمي ٿي پيو آهي،مارجي ويلن مان 4 ڄڻن جي پنجاب واسي پورهيتن طور سڃاڻپ ٿي آهي مارجي ويل پورهيتن ۾ مظفر ڳڙهه واسي محمد عظيم، غلام رسول، باقر ۽ شهزاد شامل آهن،شهيد پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ تربت واسي عطا جان طور ٿي بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي گذريل ڏينهن نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي سينيٽ ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته بلوچستان ۾ بندش پيل تنظيمن جا ڊيٿ اسڪواڊ پنجاب سان تعلق رکندڙ پورهيتن کي قتل ڪري رهيا آهن، سيڪيورٽي فورسز جون ڊيٿ اسڪواڊز خلاف ڪارروائيون جاري آهن
