بُک ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي 2 ٻارڙين جي پيءُ جو آپگهات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ معاشي پريشانين، بُک ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي 2 ٻارڙين جي پيءُ آپگهات ڪري ڇڏيو.ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب منگهو پير جي علائقي مير محمد ڳوٺ قاسم ايجنسي ڀرسان گهر ۾ هڪ شخص مٿي تي گولي هڻي پاڻ کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهچي زخمي شخص کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو گهڻو رت وهڻ سبب رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل شخص جي سڃاڻپ 28 ورهين جي حزب الله ولد مشل خان جي نالي سان ڪئي وئي.مقتول جي والد مشل خان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته حزب الله کي 2 ڌيئرون آهن مقتول ڀاڙي جو رڪشو هلائي ڪم ڪندو هو سندس تعلق وزيرستان سان هو. سال 2006 ۾ هو پنهنجي ٻارن سميت ڪراچي آيو هو هن ٻڌايو ته حزب الله کي ڪڏهن سواري ملندي هئي ته ڪڏهن نه ملندي هئي. جڏهن سواري ملندي هئي ته اهو مزدوري ڪري ڏهاڙي لڳائيندو هو پر مهانگائي ايتري وڌيڪ هئي جو گهر ۾ فاقن جي صورتحال هئي، اڪثر ڪري سندس معصوم ٻارڙيون بکيون رهنديون هيون.گذريل ڪجهه ڏينهن کان هو تمام گهڻو پريشان هو گهر ۾ ماني جي لاءِ نه پئسا هئا نه ئي وري راشن جو سامان هو، جڏهن سڀ گهر وارا سمهي رهيا ته تقريبن رات جو اڍائي وڳي فائرنگ جي آواز ٻڌي ان جي گهر جي ٻين ڀاتين جي اک کلي وئي. جڏهن انهن گهر جي ورانڊي ۾ وڃي ڏٺو ته حزب الله زخمي حالت ۾ پيل هو.

پهنجو تبصرو موڪليو