بي بي سي اردو پاران سيربين جي ريڊيو نشريات بند ڪرڻ جو فيصلو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي پاڪستان ۾ حالات حاضره ۽ خبرن تي مبني پروگرام سيربين ريڊيو جي نشريات بند ڪرڻ جڏهن ته ڊجيٽل ميڊيا پليٽ فارمن ۽ ٽيلي ويزن کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان بي بي سي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته برطانوي نشرياتي ادارو پاڪستاني صارفين لاءِ پنهنجي وسائل جي صحيح استعمال جي مقصد جي حاصلات لاءِ سيربين جي ريڊيو نشريات بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بي بي سي نيوز اردو هلندڙ سال جي آخر ۾ سيربين جي ريڊيو نشريات بند ڪري ڇڏيندو پر گلوبل نيوز بيٽ ۽ ايف ايم بليٽنز جو سلسلو جاري رهندو. ياد رهي ته بي بي سي گلوبل نيوز بيٽ ۽ ايف ايم بليٽنز، ايف ايم جي گڏيل طور نشريات نشر ڪئي ويندي آهي. ان کان علاوهه رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته سيربين ريڊيو جي بندش سان بي بي سي اردو سروس جي وبي سائيٽ، يوٽيوب چينل، فيس بڪ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي ويندي. رپورٽ مطابق سيربين پروگرام جي صرف ريڊيو نشريات بند ٿي رهي آهي جڏهن ته بي بي سي اردو ٽيليويزن ذريعي سيربين جي نشريات سومر کان جمعي تائين پاڪستان جي مقامي وقت مطابق شام 7 وڳي جاري رهندي. ان سان گڏ سيربين کي بي بي سي اردو جي ڊجيٽل پيلٽ فارم تي به ڏسي سگهبو. سيربين ريڊيو بند ڪرڻ متعلق رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2018 ۾ بي بي سي پاڪستان ۾ ماڻهن جو جائزو ورتو جنهن سان ملڪ ۾ ٽي وي آڊينس جي تعداد ۾ تيزي سان اضافي، ڊجيٽل ميڊيا تائين رسائي سبب ريڊيو ٻڌندڙن جي تعداد ۾ گهٽتائي جي رجحان جي تصديق ٿي هئي. ان ۾ ٻڌايو ويو ته تحقيق سان اها ڳالهه به سامهون آئي ته ڊجيٽل پليٽ فارم جي جي صارفين جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ عورتون ۽ نوجوانن تي مشتمل ماڻهن جي تعداد تمام گهڻي آهي. بي بي سي اردو سروس جي سربراهه مهوش حسين سيربين جي ريڊيو نشريات بند ڪرڻ جي فيصلي سبب ٻڌندڙن جي تعداد ۾ گهٽتائي جي رجحان کي قرار ڏنو. مهوش حسين چيو ته هن وقت اسان جي ڪوشش نوجوان ۽ عورتن تائين وڌ کان وڌ خبرون پهچائڻ آهي هن چيو ته ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته اسان پنهنجي پارٽنرن سان گڏ گلوبل نيوز بيٽ بليٽنز جي تعداد ۾ اضافو ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو