بدين (ن س ) ٺٽي ۾ رات ترسڻ کان پوء سنڌ بچايو بيداري مارچ جو قافلو پير صدرالدين شاھ راشدي اياز لطيف پليجو سيد زين شاھ لياقت علي جتوئي عليم عادل شيخ مسرور جتوئي بئريسٽر حسنين مرزا ڊاڪٽر صفدر عباسي سردار رحيم مسرور سيال ارباب انور حسام مرزا مير عبدالله ٽالپر امير آزاد پنھور مير خادم ٽالپر ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ٺٽي کان نعرن جي گونج م روانو ٿيو جيڪو سجاول کورواھ چوڪ گولاڙچي سميت وک وک تي سندن زبردست استقبال ڪيو ويو جتي اڳواڻن عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪيو سج لٿي وقت قافلو بدين پھتو ته ھزارين ماڻھن قافلي تي گلن جي ورکا ڪري سندن شاندار استقبال ڪيو ريلي ڊي سي چوڪ تي وڏي عام جلسي م تبديل تي ويئي جنھن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جي ڊي اي م شامل ڏھن پارٽين جو متفقه فيصلو آھي ته سنڌ جي بقا ء سالميت تي ڪا به سودي بازي نه ڪئي ويندي سنڌ جي سالميت دراصل پاڪستان جي سالمييت آھي ملڪ کي ظلم سان نه پر انصاف سان ھلائي سگھجي ٿو رياست سنڌ جي پاڻي سان غير قانوني غير انساني ڇيڙ ڇاڙ ڪندي ته پوء سنڌ جو عوام اھڙي رياست م ڪيئن رھي سگھندو جتي کين انصاف ء تحفظ حاصل نه ھجي اڳواڻن چيو ته ايوان صدر ۾ سنڌ جي پاڻي بابت جيڪي فيصلا ڪيا پيا وڃن آھي وفاق جي سالميت جي خلاف ۽ سنڌ جي موت جا پروانا آھن اھڙي فيصلن سان سنڌ جي ٻن بئراجن مان ھڪ ڪوٽڙي بئراج مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو ٽنڊو محمد خان بدين سجاول ٺٽو ضلع تباھ تي ويندا ڪراچي حيدرآباد سميت وڏن شھرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿيندو جڏھن ته لاڙ جي پٽي کي غير آباد ڪرڻ جي سازش تي گھڻي وقت کان عمل ڪيو پيو وڃي ان سان اڌ سنڌ شديد متاثر ٿيندي بدترين لڏپلاڻ کانسواء انساني الميا پيدا تيندا گرين پاڪستان جي نالي تي اڌ سنڌ کي غير آباد ڪري 36 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي جڏھن ته سنڌ ۾ اڳ ئي لکين ايڪڙ زرخيز زمينون پاڻي بند ڪري بنجر بڻائي تباھ ڪيون ويون آھن ۽ لکين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آھي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۽ سنڌو دريا ھڪ شئي جو نالو آھي زبردستي سنڌو دريا مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي آسان جي حقن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ جياپي جي جنگ وڙھن آسان جو بنيادي حق آھي آسان جا لکين ھاري بيروزگار ۽ معاشي قتل جو شڪار ٿي رھيا آھن آبادگار برباد تي رھيا آھن لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آھن ان لاء رياست وٽ ڪو پروگرام ڪونھين جڏھن ته سنڌ جون زرخيز زمينون بنجر بڻائي ريگستاني علائقن م مخصوص مفادن لاء ڪم ڪري خطرناڪ منصوبا جوڙيا پيا وڃن آسان گھڻو صبر ڪيو آھي آسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي ھنن چيو ته حڪومت ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو واپس نه ورتو ته 15 ڏينھن کان پوء ڪور ڪميٽي جي اجلاس م جدوجھد جي وڌيڪ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو










