بولان وٽ خوفناڪ حادثو، 25 مسافر زخمي

بولان (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي علائقي بولان خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا آهن،جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ وين ۽ ڪار ۾ بولان وٽ ٽڪر ٿيو، حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 25 مسافر زخمي ٿيا،اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين پهچي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو،اختيارين موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي

پهنجو تبصرو موڪليو