بهاولنگر واقعو، سڪيورٽي ۽ پوليس جي گڏيل ٽيم جاچ ڪندي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)بهاولنگر واقعي تي پاڪ فوج جي پبلڪ رليشن کاتي (آءِ ايس پي آر) جو بيان سامهون آيو آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تازو بهاولنگر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن کي پاڪ فوج ۽ پوليس اختيارين جي گڏيل ڪوششن سان فوري طور تي حل ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته معاملو حل ٿيڻ باوجود مخصوص مقصدن سان ڪجهه گروهن سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن ۽ سرڪاري کاتن ۾ ورهاست لاءِ پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏيا آهن.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي ۽ پوليس اهلڪارن تي مشتمل ٽيم واقعي جي گڏيل جاچ ڪندي.قانون جي ڀڃڪڙي ۽ طاقت جي غلط استعمال جي ذميواري جو تعين ڪرڻ لاءِ انڪوائري ڪئي ويندي. گڏيل انڪوائري سان جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ حقيقتون معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

پهنجو تبصرو موڪليو