اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير احسن اقبال بنگلاديشي وزيراعظم طارق رحمان جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پرڏيهه ۾ هجڻ ڪري بنگلاديشي وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو. وزيراعظم جلد ئي نئين وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ بنگلاديش جو دورو ڪندو.










