پشاور: (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي بنون ريجن ۽ بنون پوليس ڳجهي اطلاع تي ميرا خيل جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.سي ٽي ڊي اختيارين موجب مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ سهيل عرف سانگي ۽ اسماعيل عرف عثمان جي نالن سان ٿي آهي.سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملن سان گڏ ريسڪيو 1122 جي تعمير هيٺ عمارت ۾ دستي بم حملي ۾ به ملوث هئا، مارجي ويل دهشتگردن وٽان 2 ڪلاشنڪوف، پستول، ڪيترائي ڪارتوس، موٽرسائيڪلون، موبائل فون ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي جا ڪارڊ هٿ ڪيا ويا آهن.سي ٽي ڊي عملدارن وڌيڪ چيو ته ٻه دهشتگرد اونداهين جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، آءِ جي خيبرپختونخواهه پوليس ذوالفقار حميد ۽ ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي سي ٽي ڊي ڪامياب ڪارروائي تي مقامي پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي اسپيشل ويپنز اينڊ ٽيڪٽڪس ٽيمن کي مبارڪباد ڏني.آءِ جي ڪي پي جو چوڻ آهي ته سرزمين جي تحفظ لاءِ دهشتگردن خلاف سينا سپر جوان ملڪ عزيز جو سرمايو آهن.










