بنون (ويب ڊيسڪ)بنون ۾ نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ يوسي چيئرمين سميت ٽي ماڻهو مارجي ويا.پوليس موجب، يوسي چيئرمين عامر دراني بسيا خيل ۾ پنهنجن دوستن سان گڏ هڪ ڪمري ۾ هو جڏهن نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي.پوليس چيو ته فائرنگ ۾ يوسي چيئرمين سميت ٽي ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس چيو ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.










