بلوچن جو ڌرڻو جاري، حڪومت کي 3 ڏينهن جو الٽيميٽم

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) نيشنل پريس ڪلب آڏو ڇنڇر تي بلوچ مظاهرين جو ڌرڻو جاري رهيو، مظاهرين پنهنجي گرفتار ساٿين کي ٽن ڏينهن ۾ آزاد ڪري ڪيس ختم ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو ته ٻئي صورت ۾ هو تمام سخت قدم کڻندا ۽ نتيجن جي ذميوار نگران حڪومت هوندي. ڊاڪٽر مَهرنگ بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلوچستان مان جبري گمشدگين ۽ عدالت کان مٿانهن قتلن جو سلسلو فوري بند ڪريو ۽ سنگين انساني حقن جي خلاف ورزين جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙيو وڃي. هن چيو ته بلوچستان ۾ ڊيٿ اسڪواڊ ۽ سي ٽي ڊي کي ختم ڪيو وڃي ۽ حڪومت اعلانيا طور معافي گهري.

Photo X

هن چيو ته اسانجا 160 کان مٿي ڪارڪن گم آهن ۽ کين عدالتن ۾ به پيش ناهي ڪيو ويو، سندن زندگي کي خطرو آهي. 6 ڊسمبر تي تربت ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) اهلڪارن هٿان بلوچ نوجوان بالاچ خان جي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل کانپوءِ شروع ٿيندڙ بلوچ عورتن جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ 20 ڊسمبر تي وفاقي گادي واري هنڌ پهتو. جڏهن ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي اين پي سي تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ شهر جي داخلي رستن کي وڏين رستن سميت بند ڪري ڇڏيو هو. ڊاڪٽرمَهرنگ بلوچ چيو ته ڊيرا غازي خان ۾ پنجاب پوليس اسانکي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ رستا روڪ ڪئي. هن چيو ته جڏهن راولپنڊي پهتاسين ته وري اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس اسانجي رستا روڪ ڪندي عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو. هوڏانهن ڌرڻي ۾ علي وزير، فرحت الله بابر ۽ سينيٽر مشتاق احمد به موجود هئا. بلوچستان جو گورنر عبدالولي ڪاڪڙ ڌرڻي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ڳالهيون ڪيون ۽ سندن مطالبا جلد مڃڻ جو واعدو ڪري واپس هليو ويو. ڌرڻي وارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ آيل اڳواڻن پرامن مظاهرين تي پوليس جي تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته جبري گم ڪيل ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٻارن ۽ عورتن سميت سڀني ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 162 گرفتار ڪارڪنن جي ضمانت منظور ڪندي 5، 5 هزار جي مچلڪن عيوض کين آزاد ڪرن جو حڪم ڏنو. پوليس عدالت کي ٻڌايو ته 34 ڪارڪنن کي شناخت پريڊ لاءِ رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو