ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي 27 مارچ تي بلوچستان ۾ ٽرين سروس معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.ريلوي عملدارن موجب، ٽيڪنيڪل سببن ۽ ٽريڪ جي مرمت جي ڪري 27 مارچ تي ٽرين سروس معطل رهندي.عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا کان پشاور تائين جعفر ايڪسپريس نه رواني ٿيندي، جڏهن ته پشاور کان ڪوئيٽا تائين جعفر ايڪسپريس جيڪب آباد کان واپس ويندي.ريلوي عملدارن موجب، ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين بولان ميل ۽ چمن تائين چمن مسافر ٽرين اڳ ئي معطل آهي.










