اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بلوچستان جي 19 ضلعن ۾ اڄ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته چمن، پشين، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله ۽ زيارت ۾ هلڪي برفباري جو امڪان آهي.خيبرپختونخواهه جي اڪثر ضلعن ۾ اڄ کان اڱاري تائين مينهن ۽ جبلن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.اختيارين برسات ۽ برفباري جي ڪري ناران، ڪاغان، ڪالام ۽ چترال جي مٿانهين علائقن ۾ روڊ بند ٿيڻ ۽ لڙهي وڃڻ جي خبرداري ڏني آهي.صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) سڀني ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.اولهه جي هوائن جي اثر هيٺ ساحلي پٽي تي تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي ڪراچي ۾ جزوي طور تي ڪڪر واري موسم ۽ ڪجهه هنڌن تي بوندا باندی جي اڳڪٿي پڻ ڪئي آهي.










