ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بلوچستان مان 4 هزار ڪلو سپاري ڪراچي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، پاڪستان ڪسٽمز انفور سمنٽ ڪراچي جي اسمگلنگ روڪٿام مهم تحت روزاني بنيادن تي ڪارروايون جاري آهن، ان ئي ڏس ۾ ڳجهو اطلاح ملڻ تي بوهه سان سٿيل ٽرڪ مان اسمگل ٿيل 4 هزار ڪلو گرام سپاري هٿ ڪئي وئي، ڪليڪٽر ڪسٽمز باسط عباسي ٻڌايو ته 40 لک روپين جي اسمگل ٿيل سپاري بلوڇستان مان ڪراچي منتقل ڪئي پئي وڃي، همدرد چيڪ پوسٽ جي عملي ٽرڪ رجسٽريشن نمبر ٽي ڪي سي 012 جي تلاش ورتي،جنهن مان سپاري هٿ آئي، اسمگلن ٽرڪ کي هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان سان گڏ سپاري ڪي ايس او گودام منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










