بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي ممڪن ناهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان بلوچستان جي قبائلي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي.ان موقعي تي قبائلي اڳواڻن وزيراعظم کي وزارت عظميٰ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، جنهن تي وزيراعظم سمورن قبائلي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سندن علائقي جا مسئلا ٻڌا.نگران وزيراعظم اهو به ورجايو ته هو بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي سموري توانائي وقف ڪندو.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي ممڪن ناهي، حڪومت بلوچستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ قدم کڻي.هن چيو ته حڪومت زرعي ۽ صنعتي شعبي جي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪندي.ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر عبدالولي ڪاڪڙ ۽ نگران وڏو وزير علي مردان ڊومڪي به موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو