بلوچستان،اي سي آفيس مان 270 ڪلوگرام منشيات چوري

بلوچستان،اي سي آفيس مان 270 ڪلوگرام منشيات چوري

ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڊاڪي جي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ چوري جو هڪ منفرد واقعو پيش آيو، جتي چور 270 ڪلوگرام منشيات چوري ڪري فرار ٿي ويا.پوليس اختيارين موجب، نامعلوم چور ڊاڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۾ واقع گودام جي دري ٽوڙي اتي رکيل 233 ڪلوگرام آفيم ۽ 37 ڪلوگرام چرس چوري ڪري فرار ٿي ويا.چوري ٿيل منشيات ليويز پاران مختلف ڇاپن ۾ ضبط ڪيون ويون ۽ هن منشيات سان لاڳاپيل ڪيس اڃا تائين عدالتن ۾ هلندڙ آهن.ايس ايڇ او ڊاڪي فرمان علي کوسا چيو ته نامعلوم ماڻهن خلاف منشيات چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو