بلن ۾ رليف، حڪومت جو آءِ ايم ايف سان رابطي جو لارو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران وفاقي حڪومت توانائي واري وزارت جي سفارشن تي انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو، اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ چيو ويو ته آءِ ايم ايف جون حالتون ڏسي فيصلو ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته توانائي واري وزارت پاران ڏنل سفارشن تي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ آءِ ايم ايف جي منظوري کانپوءِ عوام کي رليف ڏنو ويندو.ٻئي طرف ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ ممڪنه رليف تي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. آءِ ايم ايف پاران بجلي جي بلن ۾ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي جو خيال نٿو رکي سگهجي ۽ بلن ۾ ٽيڪس گهٽ ڪرڻ آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۽ ٽيڪسيشن لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن موجب ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ سان بجلي جي بلن ۾ رليف نه ٿو ڏئي سگهجي.ڊسمبر تائين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 4.37 رپيا في يونٽ مهانگو ٿيندو، جنهن کانپوءِ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 122 ارب رپيا ورتا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو