گلگت (ويب ڊيسڪ)بلتستان ڊويزن ۾ برسات جو سلسلو جاري، لينڊ سلائيڊنگ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن موجب بلتستان هاءِ وي تي لينڊ سلائيڊنگ سبب 3 مسافر فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ماءُ ۽ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.حادثي ۾ ٻارڙن جي پيءُ سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
