بلاول ڀٽو زرداري 8 جولاءِ تي پشاور جو دورو ڪندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 8 جولاءِ تي پشاور جو دورو ڪندو،رپورٽ موجب بلاول ڀٽو گورنر هائوس پشاور ۾ پيپلز پارٽي جي صوبائي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو.پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ تنظيمي معاملن تي اهم مشاورت ٿيندي، گورنر هائوس پشاور ۾ ورڪرز ڪنوينشن ۾ بلاول ڀٽو جي خطاب جو به امڪان آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر منير اورڪزئي به پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو