اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پ پ بلوچستان جي اڳواڻ سردار عمر گورجيج، پ پ پنجاب جي اڳواڻ نديم افضل چن ۽ پ پ خيبرپختونخواهه جي اڳواڻ محمد علي شاهه باچا ۽ شازي خان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز شرف پڻ موجود هئا. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ميان منظور وٽو جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر روبينا شاهين پيپلز پارٽي ۾ شموليت کانپوءِ زرداري هائوس ۾ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ روبينا شاهين کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪيو، سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي اوڪاڙه ۾ به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
روبينا شاهين