بلاول جي صدارت هيٺ اعليٰ قيادت جو اجلاس،ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ عام چونڊن جي شيڊول ۽ چونڊ مهم بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو،ترجمان موجب اجلاس ۾ عام چونڊن جي حوالي سان پارٽي جي منشور ۽ عوامي رابطا مهم تي به غور ڪيو ويو،ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،سيد يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، شازيه مري، فيصل ڪريم ڪنڊي، نثار کهڙو، مخدوم احمد محمود، محمد علي شاهه باچا،مراد علي شاهه، منظور وساڻ، حسن مرتضيٰ، روزي خان ڪاڪڙ، ناصر شاهه،صغير قريشي،خورشيد شاهه، قمر زمان ڪائره، مير ثناءُ الله زهري، نديم افضل چن، شرجيل ميمڻ ۽ مڪيش چاولا اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو