ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته سندس حڪومت جي اتحادين چيو آهي ته بجيٽ درست ناهي، سڌارن کانسواءِ عوام تي 4 هزار ارب رپين جو ٽيڪس لڳايو ويو آهي.ڪراچي ۾ احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هڪ شخص جيڪو ڪمائي ٿو ان جو اڌ حصو حڪومت وٺندي.هنن چيو ته انصاف جو نظام اوهان جي سامهون آهي، ڪيس 5 سالن کان هلي رهيو آهي، هاڻي عدالت ۾ معلوم ٿيو آهي ته هڪ شخص 2011ع کان ڪيس هلائي رهيو آهي.شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نيب کي سياست هلائڻ لاءِ ٺاهيو ويو، نيب اڄ به سياست ڪري رهي آهي، ان ڪيس ۾ ماني موجب ڪاغذ جمع ڪرايا ويا آهن.هن چيو ته اڳوڻي چيئرمين نيب جاويد اقبال چيو هو ته پي ٽي آءِ باني ڪيس ٺاهيندا هئا اسان تي نه، پي ٽي آءِ باني چوندا هئا ته جنرل باجوه ڪيس ٺاهيندو هو.اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ان ڪري ترقي نٿو ڪري جو ڪو به سرڪاري آفيسر فيصلا نٿو ڪري.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته هن حڪومت پهريان نيب کي ختم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو ان جي بدران هن اسيمبلي کي بند ڪيو ۽ آرڊيننس آڻي ان کي مضبوط ڪيو.










