بشريٰ بي بي جي ڀاءُ جي گرفتاري لاءِ چاپا جاري

بشريٰ بي بي جي ڀاءُ جي گرفتاري لاءِ چاپا جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ڀاءُ جي گرفتاري لاءِ اينٽي ڪرپشن پنجاب جو ڇاپو، گرفتاري نه ٿي سگهي، ڪرپشن ڪيس ۾ روپوش احمد مجتبيٰ وٽو جي گرفتاري لاءِ سندس رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ويو پر هو گهر ۾ موجود نه هو بشريٰ بي بي جي ڀاءُ احمد مجتبيٰ وٽو تي ترقياتي ڪمن ۾ 2 ڪروڙ 49 لک کان وڌيڪ غبن جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ترجمان موجب تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي راءِ حسن نواز ۽ راءِ مرتضيٰ اقبال جي رهائشگاهن تي به ڇاپا هنيا ويا، حسن نواز ۽ مرتضيٰ اقبال تي فيس ادا ڪرڻ بنا ڪمرشل اڏاوتون ٺاهڻ جو الزام آهي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي نعيم ابراهيم ۽ سليم صادق جي گهرن تي به ڇاپا، گرفتاريون عمل ۾ نه اچي سگهيون

پهنجو تبصرو موڪليو