بشرا جي خان سان ملاقات ڪرائڻ واري حڪم تي عمل ڇو نه ٿيو؟

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب پي ٽي آءِ باني عمران خان سان بشرا بي بي جي جيل ۾ ملاقات جي فيصلي تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل آفيس جو اسٽيٽ وڪيل عبدالرحمان عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس گل حسن اورنگزيب پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟ عدالت سرڪاري وڪيل کي هدايت ڪئي ته اڄ لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪري، چيف ڪمشنر آفيس، جيل اختيارين ۽ ٻين ڌرين کي ۽ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. جسٽس گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻنهي طرفن کان سياست ڪئي پئي وڃي، هو ڪيس ٻڌي عيد کانپوءِ فيصلو ڪندا. عدالت عيد تي ٻنهي جي ملاقات ڪرائڻ جو حڪم اڳ ۾ ئي ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو