بريگيڊيئر (ر) حارث نواز جو آءِ جي جيل جي آفيس جو دورو

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) نگران وزير گهرو ۽ جيل واري وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز آءِ جي جيل سيد منور حسين شاهه جي آفيس جو دورو ڪيو. جيلن جي سڪيورٽي، قيدين کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جو جائزو ورتو ويو. هن هدايت ڪئي ته سموريون ترقياتي رٿائون وقت تي مڪمل ڪيو وڃي ۽ جيل ۾ قيدين جي گنجائش جي حوالي سان اسڪيم کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته جيل مينوئل موجب فراهم ڪيل سهولتن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي ۽ قيدين جي ڀلائي جو به خيال رکيو وڃي. هن چيو ته قيدين جي صحت ۽ علاج تي خاص توجه ڏني وڃي ۽ جيلن ۾ ووڪيشنل سينٽرز کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ۽ عورتن جي قيدين جي شموليت کي به يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته آءِ جي جيل سيد منور حسين شاهه ان ڳالهه جو جائزو وٺي ته ٻارن جي جيلن ۾ موجود قيدين جي تعليم ۽ تربيت جا ڪهڙا بهتر انتظام ڪري سگهجن ٿا ۽ قيدين جي سماجي سڌاري تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن سزا مڪمل ٿيڻ بعد اهي سماج جا ڪارآمد شهري بڻجي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو