برطانيه ۾ شهزاد اڪبر تي تيزاب اڇلڻ وارو ڪيس بند

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) برطانيه ۾ پي ٽي آءِ باني جي اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر تي تيزاب اڇلڻ جو ڪيس شاهديون نه هجڻ جي آڌار تي بند ڪيو ويو آهي. پوليس چيو آهي ته شهزاد اڪبر جي گهر اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن جي فوٽيج جو ڪيترائي ڪلاڪ جائزو وٺڻ جي باوجود شڪي شخص نه مليو.ان حوالي سان شهزاد اڪبر چيو آهي ته پوليس ڀلي ڪارروائي بند ڪري پر مان قانوني ڪارروائي ڪندس.شهزاد اڪبر گذريل هفتي حملي جو ذميوار پاڪستان جي حڪومت کي ڏيندي قانوني ڪارروائي جو پڻ اعلان ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو