برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جو حب ڪينال ۽ حب پمپنگ اسٽيشن جو دورو

برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جو حب ڪينال ۽ حب پمپنگ اسٽيشن جو دورو

ڪراچي (رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ساره موني سان گڏ زيرو پوائنٽ حب ڪينال ۽ حب پمپنگ اسٽيشن جو دورو ڪري حب ڪينال ۽ حب پمپنگ اسٽيشن جو معائنو ڪيو دوري جي دوران چيف انجينئر بلڪ سڪندر زرداري چيف انجينئر اي اينڊ ايم انتخاب راجپوت مصطفي مڱن ۽ قربان مگسي سميت ٻيا اعليٰ عملدار موجود هئا ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب سي اي او واٽر ڪارپوريشن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي حب ڪينال ۽ حب پمپنگ اسٽيشن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪراچي شهر ۾ اضافي پاڻي لاءِ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان نئين حب ڪينال جي تعمير ۽ پراڻي حب ڪينال جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي ان موقعي تي ٻنهي ڌرين ملاقات ڪري ٻطرفي لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن تي بہ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ ملاقات جو مقصد گڏيل دلچسپي جي موقعن کي ڳولڻ هو ملاقات دوران واٽر ڪارپوريشن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان کنيل تازن قدمن تي بہ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن سميت تجربن جي مٽا سٽا سرسبز ماحول جي شروعات ٽيڪنيڪل صلاحيت وڌائڻ ۽ پاڻي جي شعبي ۾ بين الاقوامي ڪمپنين کي شامل ڪرڻ جي ارادي تي پڻ ڳالھ ٻولھ ڪئي ويئي ملاقات دوران سي اي او واٽر ڪارپوريشن برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي ايندڙ سالن ۾ ڪارپوريشن جي تازي سڌارن بحالي ۽ ويزن بابت پڻ آگاھ ڪيو ان موقعي تي برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر واٽر ڪارپوريشن کي جديد ذميوار ۽ خدمت تي ٻڌل افاديت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٺھوس قدم کڻڻ تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ويسٽ واٽر پلانٽ ۽ ريسائڪلنگ منصوبن جي موقعن جي ڳولا ۾ پنھنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ڊملوٽي سميت واٽر ڪارپوريشن جي ٻين تنصيبات جو دورو ڪرڻ خواھش جو اظھار پڻ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو