سانگھڙ (ن س)پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ سينيٽر قرة العين عرف عيني مري ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه سان گڏ ضلعي سانگهڙ سميت شهر جي مختلف علائقن سيم نالن جو دورو ڪري سانگهڙ ضلعي ۾ برسات کانپوءِ ٿيل صورتحال جو جائزو ورتو. عيني مري پاران گلشن ڪمال ڪالوني جو معائنو ڪيو ۽ صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سينيٽر قرة العين مري ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو گلشن ڪمال ڪالوني متاثرين لاءِ پوليس لائنز اسڪول ۾ قائم ڪيمپ جو دورو ڪري مسئلن ۽ موجود سهولتن بابت ڄاڻ ورتي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي انتظاميا اڳواٽ پلان موجب شهر مان بروقت پاڻي نيڪال ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ۽ ايم اين اي شازيه عطا مري جي هدايتن تي قيوم آباد سميت مختلف ڳوٺن ۾ عارضي ڊرين نالا ٺاهي پاڻي ڪڍيو ويو آهي جنهن سان سدرٺ، قيوم آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي.










