ڪراچي(رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن پاران برساتن سبب ڌٻجي ويل سيوريج لائينن جي مرمت جو ڪم هنگامي بنيادن تي جاري آھي ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب طارق روڊ تي متاثر ٿيل 24 انچ سيوريج لائين ۽ جهان آباد سهراب ڳوٺ ۾ متاثر ٿيل 24 انچ سيوريج لائين جي مرمت جو ڪم جاري آهي جيڪو سڀاڻي منجهند تائين مڪمل ڪيو ويندو ان کان علاوه ناظم آباد ٽائون ۾ عيد گاھ ميدان جي گيٽ باب لياقت جي سامھون 24 انچ قطر جي سيوريج جي مين لائين برساتي پاڻي جي دٻاءُ سبب ڌٻجي ويئي ان متاثر لائين مان بلاڪ 3 ناظم آباد ۽ پاپوش نگر جي علائقن جي نيڪالي ٿئي ٿي جڏهن تہ لائين جي بحالي جي لاءِ پائيپ آندا ويا آھن پر سيوريج سسٽم تي پاڻي جي دٻاءُ سبب لائين جي مرمت جو ڪم سڀاڻي کان شروع ڪيو ويندو جيڪو ايندڙ 36 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ياد رهي تہ برساتن سبب واٽر ڪارپوريشن جون مختلف سيوريج لائينون ڌٻجي ويون آهن.










