بدامني ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج،ڌرڻو روڊ بلاڪ

مانجهند (ن س )مانجهند ۾ ايس ٽي پي طرفان تعلقي ۾َ بدامني منشيات جي آزار ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف سنڌ سنواريو عنوان هيٺ ريلي ڌرڻو ،تفصيل موجب مانجھند ۾ ايس ٽي پي تعلقه مانجهند جي سڏ تي سنڌ سنواريو جي عنوان هيٺ تعلقي ۾ منشيات جي آزار ، بدامني زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ، صحت صفائي تعليمي جي سهولتن جي فقدان خلاف شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ايس ٽي پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري حيدر ملاح، گوتم چنا منٺار ڇڇر،مبين تيوڻو، غلام مصطفي کوسو، ايس يو پي اڳواڻ بابل لطيف کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ مانجھند تعلقي اندر پوليس جي سرپرستيءَ ۾ منشيات جو سرعام ڪاروبار هلي پيو مين پڙي گهٽڪي شراب آئيس نشي آوور سوپاريون واپرائڻ سبب نوجوان نسل تباه ٿي رهيو آھي ،بدامني سبب ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن اڪثرن علائقن ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شديد کوٽ آھي ٽائون ڪاميٽين ۽ يوسين جي بجيٽ ۾ مبينا ڪرپشن سبب گندگي جو آزار وڌيل آھي اسٽريٽ لائيٽ جو بندوبست نه هئڻ سبب شھرن ۾ اونده ڇائنيل آھي گهٽين ۽ گٽرن جا سلوپ ٽٽل آھن پر انهن جي مرمت نٿي ڪئي وڃي تعلقه اسپتال سميت هيلٿ سينٽرن ۾ ڊاڪٽرن عملي ليبارٽرين ۽ دوائن جي ڪا به سهولت ميسر ناهي اسڪولن ۾ بجلي فرنيچر واش رومن جو بندوبست ٿيل ناهي جنهن ۾ انتظاميه ڪو تدارڪ ڪرڻ لاء تيار ناھي ھنن مطالبو ڪيو آھي تہ تعلقي مانجھند تعلقي جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو