ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس تشدد جي مذمت ڪري ڇڏي، ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ بختاور چيو ته پرامن مظاهرين کي پرتشدد طريقي سان منهن ڏيڻ تي اسان سڀ شرمندگي ۽ ڪرڀ محسوس پيا ڪيون، صوبائي گهرو وزير معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ اهڙي جواز پيش نه ڪرڻ جوڳي بربريت ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي










