بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو ۽ پورهيتن لاءِ ريليف اپاءَ زير غور

بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو ۽ پورهيتن لاءِ ريليف اپاءَ زير غور

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سکديو هيمناڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ايندڙ صوبائي بجيٽ ۾ پورهيتن، گهٽ آمدني وارن خاندانن ۽ معاشري جي ٻين ڪمزور طبقن کي ريليف فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف اپائن تي غور ڪري رهي آهي، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ نمايان اضافو پڻ شامل آهي.هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن موجب عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ان ئي مقصد تحت مالي نظم و ضبط برقرار رکندي عوامي ڀلائي لاءِ وڌ کان وڌ مالي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۽ ٻين ريليف اپائن بابت مختلف تجويزون زير غور آهن، جڏهن ته حتمي فيصلو صوبي جي مالي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو.سکديو هيمناڻي چيو ته سنڌ هميشه مزدورن جي حقن ۽ ڀلائي جي تحفظ ۾ سڄي ملڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. هن ٻڌايو ته 2008ع کان هينئر تائين گهٽ ۾ گهٽ اجرت 6 هزار رپين مان وڌائي 40 هزار رپين تائين ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي مسلسل ڇهه ڀيرا گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ اضافو ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪمزور ۽ غير رسمي شعبن سان لاڳاپيل پورهيتن جي تحفظ لاءِ پڻ اثرائتي قانون سازي ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي تازو ئي گهريلو ملازمن جي ڀلائي لاءِ بل منظور ڪيو آهي، جنهن ذريعي گهريلو ملازمن کي پهريون ڀيرو باقاعدي قانوني تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ان قانون تحت ڪم جا ڪلاڪ، آرام جا وقفا ۽ ڪم جو بهتر ماحول فراهم ڪرڻ جهڙن حقن کي يقيني بڻايو ويو آهي، جڏهن ته گهريلو ملازمت ۾ ٻارن جي مزدوري تي پابندي لڳائيندي گهريلو ملازمن جي وقار، تحفظ ۽ ڀلائي کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي.سکديو هيمناڻي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه پورهيتن، مزدورن ۽ معاشري جي پسمانده طبقن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۾ سنڌ حڪومت ايندڙ وقت ۾ به اهڙين عوام دوست پاليسين تي عمل پيرا رهندي جن جو مقصد مزدورن جي حقن جو تحفظ، زندگي جي معيار ۾ بهتري ۽ جامع معاشي ترقي کي هٿي وٺرائڻ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو